اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيمرا کي نوان لائسنس جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان اليڪٽرڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي کي ٽي وي چئنلن جا نوان لائسنس جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگلوليٽري اٿارٽي ( پيمرا ) طرفان نوان ٽي وي لائسنس جاري ڪرڻ خلاف پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئشن ( پي بي اي ) جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پي بي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پيمرا 119 چئنلن کي لائسنس ڏئي چڪو آهي جڏهن ته گنجائش 80 جي آهي، پي بي اي جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پيمرا کي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پيمرا کي 12 مارچ کانپوءِ 15 ڏينهن ۾ درخواست تي فيصلو ڪرڻو هو پر پيمرا اسان جي درخواست تي فيصلو ڪرڻ بدران لائسنس جي نيلامي شروع ڪري ڇڏي.

جسٽس اطهر من الله پي بي اي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته نوان لائسنس جاري ڪرڻ جي ڪهڙو فرق پوندو.

ان تي پي بي اي جي وڪيل چيو ته پيمرا وٽ ايتري گنجائش ناهي جيترا لائسنس جاري ڪري رهيو آهي، پيمرا وٽ اسان جي درخواست اها ئي آهي ته جڏهن گنجائش ناهي ته پوءِ نوان لائسنس ڇو جاري ڪيا پيا وڃن.

عدالت پي بي اي جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پيمرا کي نوان لائسنس جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ لائسنس جاري ڪرڻ جي حوالي سان پيمرا جو حتمي فيصلو عدالتي حڪم سان مشروط ڪري ڇڏيو.

عدالت سڌ سماءَ واري وزارت ۽ پيمرا کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.