ڪينسر جي مريضن لاءِ نوان رستا، ٻوٽن ذريعي علاج ممڪن

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ننڍي جزيري تي ٻڌل ملڪ موريشيئس جنگلي جيوت، قيمتي ٻوٽن ۽ جڙي ٻوٽين تي ٻڌل آهي.  هاڻي هڪ عالمي سروي مان خبر پئي آهي ته هتي ڪيترائي ٻوٽا ڪينسر جي علاج جي اميد بڻجي سگھن ٿا.

برطانيا، موريشيئس ۽ روسي ماهرن جي هڪ عالمي ٽيم هاڻي هن ملڪ ۾ علاج لاءِ روايتي جڙين ٻوٽين ۽ ٻوٽن تي تحقيق ڪري رهي آهي. موريشيئس بحر هند ۾ موجود جزيري تي ٻڌل هڪ ملڪ آهي جتي ڪجهه ٻوٽا خطي زمين تي ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندا آهن. عالمي ماهرن موجب ڪجهه ٻوٽا غذائي نالي (ايسوفيگس) جي سرطان جو علاج فراهم ڪري سگھن ٿا جيڪو آمريڪا ۾ ڪينسر جي عام قسمن ۾ شامل آهي.

موريشيئس جي ٽن ٻوٽن يا جڙي ٻوٽين ۾ ايسالائفا انٽسيگريفوليا، يوجينيا ٽيني فوليا، ۽ ليبر وڊو نيسييا گوڪا رڳو انهي ملڪ ۾ ملندا آهن . ان ٻوٽن ۾  سرطاني ٽيومر ختم ڪرڻ جي صلاحيت ڏٺي وئي آهي.

 ماهرن ڏٺو ته ٻوٽن مان ورتل ڪجهه مرڪب ڪينسر پاٿ ويز جي راهه ۾ فائو اي ايم پي سان سرگرم ڪائنز (اي ايم پي ڪي) ذريعي سرطان جي پکيڙ روڪيندا آهن. ماهرن موجب اهو ڪينسر روڪڻ جو سڀ کان اثرائتو طريقو به آهي ته هاڻي عالمي سطح تي ان ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هاڻي تائين سموري علائقي جو رڳو 15 سيڪڙو ٻوٽا ۽ جڙي ٻوٽيون کي ئي ڏٺو ويو آهي. ان پروگرام تحت موريشيئس جي سڀني ٻوٽن ۽ جڙي ٻوٽين جو جائزو وٺي ان تي تحقيق ڪئي ويندي ۽ هڪ وسيع ڊيٽا بيس به بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.