رپورٽ: ڪراچي: پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايم ايس کي ڪهڙوڏنو چتاءُ؟؟؟؟؟؟

سول اسپتال جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران  صوبائي وزير  صحت ۽ ايم ايس کي اپيل ڪئي آهي ته سندن 20 سيڪڙو هيلٿ الائونس  ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

سول اسپتال پيرا ميديڪل اسٽاف جي پيپلز پيرا ميديڪل جي اڳواڻ نياز خاصخيلي سان ملاقات ڪئي، جنهن انهي ڳالهه جو پڻ اعتراف ڪيو ويو ته رشوت ڏيڻ جي باوجود کين هيلٿ الائونس نه پيو ڏنو وڃي

ميڊيا سان ڳالهائيندي نياز خاصخيلي جو چوڻ هو ته ان طرح شڪايتون پهريان به موصول ٿيون آهن.

هن چيو ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي مسئلن تي سنجيدگي سان سوچي رهيا آهيون ،  جڏهن ته هڪ هفتي ۾ سندن مسئلا حل نه ٿيا ته ايم ايس جي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.