رپورٽ: جهڏو: نيٺ بگي مائينر جي آبادگارن ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام….!!!!

جهڏو ۾ بگي مائينر آفيس تي فارمر آرگنائيزيشن  جي جنرل باڊي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاخ جي 15 واٽرڪورسن جي 30 ميمبرن شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان سال 2019 لاء عهديدار چونڊيا ويا، جنهن ۾ چيئرمين جليل انڙ، وائيس چيئرمين ساماڻو خاصخيلي، سيڪريٽري ممتاز کوسو ۽ ٻيا چونڊيا ويا.

اجلاس ۾ سيڊا جي غلام رسول جوڻيجو معاون طور شرڪت ڪئي جڏهن ته سينئر صحافي خالد صدف، اسحاق ساگر جي نگراني ۾ اليڪشن ٿي گذري

اجلاس کي خطاب ڪندي آبادگارن چيو ته بگي مائينر جي جدوجهد آبادگارن جو اتحاد سڄي سند ۾ مثال آهي، اسان پاڻي لاء ۽ شاخ جي انتظامي ڪمن لاء پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين

سندن چوڻ هو ته هن وقت بگي مائينر ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر آهي پر وارابندي ڪري جيڪا پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو اهو عمل بند ڪيو وڃي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.