شاهد آفريدي جي ڪتاب ” گيم چينجر “ تي پابندي….. ؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڪتاب ” گيم چينجر “ تي پابندي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

شاهد آفريدي جي آتم ڪٿا گيم چينجر تي پابندي واري درخواست ايڊووڪيٽ عبدالجليل خان مروت طرفان داخل ڪئي وئي آهي.

درخواست ۾ شاهد آفريدي،  وجاهت سعيد خان، جاويد ميانداد، گوتم گمڀير، پي سي بي، آءِ سي سي ۽ نادرا کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شاهد آفريدي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ليجنڊ بيٽسمين جاويد ميانداد، لاءِ ” هلڪڙو ماڻهو“  جو لفظ استعمال ڪيو آهي.  اهڙي ريت هن وقار يونس جهڙي عظيم بالر کي ” سطحي ۽ خوفناڪ ڪوچ “ قرار ڏنو آهي.

درخواست گذار جو موقف آهي ته شاهد آفريدي ڀارتي بيٽسمين گوتم گمڀير لاءِ ” سڙيل “ جهڙو نامناسب لفظ، غلط ۽ بدنامي وارن لفظن جو استعمال ڪري ڪرڪيٽ جي ادارن، راند ۽ ڪرڪيٽ شوقينن کي رنجايو آهي.

درخواست گذار جي موقف موجب شاهد آفريدي پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي عمر 1975ع ڄاڻائي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ٻين ادارن 1996 ۾ شاهد آفريدي کي 16 سالن جي عمر تيز ترين سيچري ٺاهيندڙ رانديگر قرار ڏنو هو.

درخواست گذار استدعا ڪئي آهي شاهد آفريدي عدالت ۾ اچي ثبوت ڏي ڇو جو 1975ع جي حساب سان ته آفريدي جي عمر 16 نه پر  20 يا 21 سال ٿئي ٿي . شاهد آفريدي ۽ وجاهت سعيد خان کي ڪتاب کي ملڪ ۾ ورهائڻ کان روڪيو وڃي.

واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي آتم ڪٿا ” گيم چينجر “ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪري ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.