جهلم ۾ مسافر وين ۾ باهه لڳي وئي، اٺ ڄڻا سڙي فوت

جهلم (ويب ڊيسڪ ) جهلم ۾ جي ٽي روڊ ڀرسان مسافر وين ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 8 مسافر سڙي فوت ۽ چار سخت زخمي ٿي پيا آهن.

لاهور کان روالپنڊي ويندڙ مسافر وين ۾ ترڪي ٽول پلازا ويجهو اوچتو باهه لڳي وئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي وين کي وڪوڙو وئي .

وين ۾ سوار 16 مان اٺ مسافر سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ، جن کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي.

وين ۾ سوار هڪ زخمي مسافر ٻڌايو ته هلندڙ وين ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جڏهن ته ريسڪيو ذريعن موجب باهه لڳڻ جو سبب شارٽ سرڪٽ يا گئس ليڪيج ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.