واحد ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان جو انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

 

ڪارڊف (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪارڊف ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، سندس چوڻ هو ته اڄوڪي ميچ ۾ محمد حسنين ۽ امام الحق پاڪستان طرفان ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪندا، جڏهن ته چئن فاسٽ بالرن سان گڏ ميدان تي لٿا آهيون.

واضح رهي ته ان کان کيڏيل ٽنهي پريڪٽس ميچن ۾ گرين شرٽس ڪاميابي ماڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.