پئٽرول جا اگهه نه وڌن ها ته خسارو وڌيڪ وڌي وڃي ها: شاهه محمود قريشي

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پئٽرول جا اگهه نه وڌن ها ته ملڪي خساري ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ها، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته آءِ ايم ايف جو طعنو اهي ڏئي رهيا آهن جيڪي سڀ کان پهريون آءِ ايم ايف وٽ ويا، ن ليگ ۽ پ پ به پنهنجي دور ۾ آءِ ايم ايف وٽ ويا هئا جڏهن ته پئٽرول جا اگهه نه وڌن ها ته ملڪي خساري ۾ وڌيڪ اضافو ٿي وڃي ها.  هن چيو ته هر پارٽي کي پنهنجي عهدن ۾ تبديلي جو حق آهي، ن ليگ پارٽي جي عهدن ۾ تبديلي ڪئي آهي پر ڪجهه قانون ۽ قائدو هوندو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته حيرت آهي ته مريم نواز پارٽي جي نائب صدر مقرر ٿي آهي، پ پ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مان مطمئن ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.