دل جي مريضن لاءِ سائسندانن جو وڏو ڪارنامو

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن دل جي بيمارين ۾ حيرت جوڳا نتيجا ڏيندڙ اوزار ” پيس ميڪر “ کي بيٽري بنا هلائڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي جنهن کانپوءِ مريضن جي هر هر پيس ميڪر جي بيٽري تبديل ڪرڻ جي جنجهٽ مان جند ڇٽي ويندي ۽ دل جي ڪارڪردگي ۾ به ڪا به رڪاوٽ يا تنزلي نه ايندي.

سائنسي رسالي نيچر ڪميونيڪيشن ۾ پڌري ٿيندڙ هڪ تحقيقي مقالي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته دل جي مريضن لاءِ هڪ اهڙو پيس ميڪر ايجاد ڪيو ويو آهي جيڪو بنا بيٽري جي پنهنجو ڪم جاري رکي سگهندو .  چيني سائنسدانن ڪوئي ۽ هڪ وڏي جانور تي ڪامياب تجربو کانپءِ ان پيس ميڪر کي ” انرجي هارويسٽر “ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي باقاعدا مارڪيٽ ۾ اچڻ ۾ اڃا ڪجهه سال لڳندا.

چين جي سائنس ريسرچ اڪيڊمي جي ماهر ۽ ان تحقيق ۾ مرڪزي محقق ذولي ميڊيا کي ٻڌايو ته انتهائي جديد پيس مير ” انرجي هارويسٽر “ جي سڀ کان نمايان خاصيت مريض جي چرپر ۽ سندس دل جي ڌڙڪن مان پيدا ٿيندڙ حرڪي توانائي مان پنهنجي برقي توانائي جون گهرجون پوريون ڪرڻ آهي جنهن بعد ان اوزار کي روايتي اوزارن جي ڀيٽ ۾ بيٽري جي ضرورت نه پوندي.

سائنسدان ذولي پنهنجي ايجاد جي ڪاميابي لاءِ ڪافي پراميد آهي نظر اچي ٿو، هن ايجاد مان نه رڳو مريضن جي علاج جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي پر هر هر بيٽري تبديل ڪرڻ سان اوزار جي ڪارڪردگي تي پوندڙ اثرن کان به بچي سگهبو.  ائين دل جي پٺن کي لڳاتار هڪ رڌم ۾ حرڪت جاري رکڻ جو موقعو ملندو، جنهن سان سڄي جسم جي رت جي فراهمي جاري رهي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.