عمران خان ملڪ کي نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني حوالي ڪري ڇڏيو آهي: مريم اورنگزيب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ملڪ کي نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني حوالي ڪري ڇڏيو آهي.  مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني جي آفيس کولي ڇڏي آهي. هن چيو ته وزيراعظم نااهل ۽ نالائق، ناڻي وارو وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر آءِ ايم ايف جو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر  آءِ ايم ايف جو ملازم آهي، ڊاڪٽر رضا باقر ملڪ کي قرض جي غلامي ۾ رکڻ جي مهارت رکي ٿو،  آءِ ايم ايف جو ملازم مقرر ڪري اسٽيٽ بئنڪ تي آءِ ايم ايف جو قبضو ٿي ويو آهي.  سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي ملازم کي ملڪ جي ناڻي جي چاٻي ڏني وئي آهي، رضا باقر جي مقرري تصديق آهي ته ملڪ ۾ آءِ ايم ايف جي قرض، سڌارن، ري اسٽرڪچرنگ جو نظام آندو پيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته عوام کي ڏٽا ڏئي مخالفن کي چور ۽ ڦورو قرار ڏنو پيو وڃي، نواز شريف کي منظر تان هٽائڻ جي اصل راند سامهون اچي رهي آهي،  نواز شريف ملڪ کي سي پيڪ ڏنو ۽ عمران خان اچي گروي رکيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.