رپورٽ؛ غوثپور: پڊعيدن جي رپورٽر علي شير راڄپر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، ڌرڻو

غوثپور  ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي پڊعيدن جي رپورٽر علي شير راڄپر کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف غوثپور جي  صحافين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو .

صحافين برڪت ڀيو عبدالغفار اوڳاهي اصغر بجاراڻي شير زمان بجاراڻي اسد ﷲ اوڳاهي سبحان علي ملڪ عبدالنبي م ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته صحافي علي شير کي ھٿيار بند  بنا ڪنهن سبب جي شهيد ڪيو

هنن چيو ته صحافي تي حملو اصل آزاد صحافت تي وار ۽ حق ۽ سچ جو آواز بند ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

هنن مطالبو ڪيو ته ترت صحافي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.