بدين ۾پاڻي کوٽ خلاف خليفي قاسم کان ٽنڊي باگي تائين ريلي، اسيمبلي ۾احتجاج ڪنديس

ٽنڊو باگو (ت ر) بدين بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي بدين ضلعي ۾پاڻي کوٽ ۽ ڦليلي ڪئنال ۽ اڪرم واهه تي غيرقانوني دڪن، فلڊ ڪئنالن خلاف بدين بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن عزيز ڏيرو، خليل ڀرڳڙي، امير آزاد پنهور، خدا ڏنو شاهه، فدا درس ۽ غفور چانڊيو جي اڳواڻي ۾ خليفو قاسم کان ٽنڊو باگو تائين سخت گرمي ۽ اس ۾مارچ ڪري ٽنڊوباگو پهتا، نصرت سحر عباسي به ٽنڊوباگو کان 10 ڪلوميٽر پري دودا واهه کان پيادل مارچ ۾شرڪت ڪئي، ٽنڊوباگو ۾لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي ف ليگ  اڳواڻ نصرت سحر عباسي چيو ته 15 لک مان صرف 2 لک ايڪڙ زمين آباد آهي، بدين ضلعي جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاءِ سڪايو پيو وڃي، سنڌ جا حڪمران صرف مال کائڻ ۾پورا آهن، اڃان به کين ڍئو ڪو نه ٿو ٿئي، بدين ضلعي جا اسيمبلي ميمبر سنڌ اسيمبلي جي ايئرڪنڊيشن ۾ ويهي ٿڌ جو مزو پيا وٺن ۽ سندن تڪ ۾پاڻي نه آهي، هتي ڪافي مھينن کان پاڻي لاءِ  ڌرڻا مظاهرا ۽ احتجاج پيا ڪن پر هنن کي سندن کي ڪو احساس ناهي. هن چيو ته آئون اڄ  سڄي سنڌ کي اپيل ٿي ڪريان ته سڀ گڏجي اٿي پئو، هن ظلم ۽ ڏاڍ خلاف، بدين جي ماڻھن سان ساٿ ڏيو، 15 مئي تي رکيل اجلاس ۾ آئون مخالف ڌر جي سڀني ميمبرن سان بدين جي ماڻھن سان پاڻي لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ٺھراءُ پيش ڪنديس. هن چيو ته آئون بدين جي ماڻھن لاءِ پ پ جي ميمبرن کي به چونديس ته گڏجي سڀ ٺھراءُ آڻيون. جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ وارن جيڪڏهن اسيمبلي ۾منهنجو ساٿ نه ڏنو ته آئون اڪيلي احتجاج ڪنديس.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي امير آزاد پنهور، مجيب الرحمان مشوري، منظور سولنگي، دلبر سنڌي، خليل ڀرڳڙي، عزيز ڏيرو، مير نور احمد ٽالپر، خدا ڏنو شاهه ۽ قمبر علي شاهه چيو ته اسان پاڻي جو ڪيس به اعليٰ عدالتن ۾کڻي وينداسين ۽ بدين کي پاڻي جو حق ڏياريندسين، بدين ريگستان ٿي ويوآهي، پ پ حڪومت هڪ سازش تحت پاڻي بند ڪيو آهي، هي اسانجي جياپي جي جنگ آهي، جيڪا پاڻي سميت ٻين وسيلن جي حاصلات تائين جاري رهندي، سيڊا هڪ ناسورآهي جنهنکي ختم ڪري سيڊا چيئرمين تي پاڻي بند ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.