عوام صبر کان ڪم وٺي، ڏکيائيون جلد ختم ٿينديون: پرويز خٽڪ

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته عوام جون سموريون ڏکيائيون جلد ختم ٿي وينديون،  بس 6 کان 8 مهينا صبر ڪيو وڃي. بختي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته  وزيراعظم عمران خان حقيقي معنيٰ ۾ پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ، ملڪ کي اقتصادي بحران مان ڪڍڻ، ڪرپشن ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ملڪ جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو، عوام 6 کان 8 مهينا صبر ڪري، ڏکيائيون جلد ختم ٿي وينديون.  هن چيو ته هن وقت تائين جيڪو حڪمران آيو تنهن عوام ۽ ملڪ جي ترقي بدران پنهنجي دولت کي ترقي ڏني ۽ پرڏيهه ملڪيتون ٺاهي غريب عوام جو پئسو پرڏيهه منتقل ڪيو،  نواز شريف بيماري جو بهانو ڪري  پرڏيهه منتقل ڪرڻ چاهي ٿو پر کين عوام جي هڪ هڪ پائي جو حساب ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته آصف زرداري ۽ ۽ نوازشريف وارا وٺي ملڪ کي 3 هزار کرب رپين جو قرضي ڪري ڇڏيو آهي، ڪرپشن جي سموري رقم پرڏيهه منتقل ڪئي وئي، سڀني جو مقدر جيل آهي، ڪو به اين آر او نه ٿيندو، عمران خان نه ڪنهن کي رعايت ڏيندو ۽ نه ڪرپشن تي ڪا سوديبازي ڪئي ويندي، ڦريل دولت واپس ڪرڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.