عوام تي پئٽرول جو بم ڄاڻي واڻي….. فردوس عاشق اعواڻ وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عوام تي پئٽرول بم ڄاڻي واڻي ناهي ڪيرايو، عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب اهو فيصلو ڪيو آهي .

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌيا ۽ قيمتن ۾ اضافي جو بار حڪومت ۽ عوام کي گڏجي برداشت ڪرڻو پوندو.

خاص مددگار چيو ته وزيراعظم عمران خان گهٽ ۾ گهٽ نه چاهيندو ته هو عوام جي پريشانين اضافو ڪري.

ٻئي پاسي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پئٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت پنهنجي نااهلي ۽ نالائقي جو بار عوام تي وجهي رهي آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو  ته عمران خان جي سونامي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، عوام تي مهانگائي جي بمباري ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته حڪومت پاران پئٽرول جي اگهن ۾ 9 رپيا 42 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت چار رپيا 89 پئسا في ليٽر وڌائي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.