جليانواله باغ ۾ ڪيل قتلام

يوسف سيف

”اسان جي ڪارروائي جو مقصد اهو هو ته هندستانين جي دفاغ مان بغاوت جا جذبا فنا ڪري ڇڏيون“. اهو بيان انگريز عملدارن مارشل لا جي لاءِ هڪ تحقيقتي ٽربيونل آڏو ڏنو هو. اهو تربيونل جليانواله باغ جي قتل عام کانپوءِ جوڙيو ويو هو. جنهن ۾ انگريز عملدارن ۽ ذميدارن هندستان جي عوام تي ڪيل وحشياڻي ظلم کي تسليم ڪري ورتو هو. جيتوڻيڪ جليانواله باغ واري خوني واقعي کي هڪ سئو سال مڪمل ٿي ويا آهن پر اڄ مهذب دنيا جي سرواڻي جو دعويدار برطانيا ظلمن تي رسمي طور افسوس جو اظهار ئي ڪندو رهيو آهي.

جليانواله باغ ڏانهن ويندڙ رستو

ننڍي کنڊ ۾ انگريز واپار جي مقصد سان آيو، معاشي طور تي پير مضبوط ڪرڻ کانپوءِ هو خطي تي آهستي آهستي ڪري قبضو ڪندو ويو ۽ ان لاءِ برطانيا سمورا وحشي ۽ غير انساني طريقا اختيار ڪيا. ايڪيهين صدي ۾ داخل ٿيندڙ گلوبل وليج کي اڄ برطانيا ترقي جي اوسر ۽ مهذب پڻي جا سبق سيکاري رهيو آهي. پر هي اهوئي برطانيا آهي، جنهن جو ويجهو ماضي وحشت جو چٽو آئينيو آهي.

گڏيل هندستان ۾ جڏهن گانڌي عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن لاءِ پروگرام پڌرو ڪيو ته تڏهوڪي هندستان جي عام ماڻهو ان کي ڀرپور موٽ ڏني. انهيءَ پس منظر ۾اپريل 1919ع ۾ امرتسر شهر ۾ واقع جليانواله باغ واري واقعي سموري هندستان کي ڌوڏي ڇڏيو هو.

اهو کوهه، جنهن مان 120 ڄڻن جا لاش مليا هئا

پهرين مارچ کان انگريزن خلاف شروع ٿيل هلچل جي نتيجي ۾ مختلف شهرن ۾ ماڻهو هڙتال ڪري، مظاهرا ڪري انگريز سرڪار خلاف نفرت جو اظهار ڪري رهيا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ 10 اپريل تي مڇريل ماڻهن امرتسر ۾ هڪ بينڪ تي حملو ڪري ڏنو. ڪجهه انگريز آفيسر ۽ هڪ انگريز خاتون قتل ٿي ويا. ان واقعي کانپوءِ انگريزن جي عملدارن/فوجي آفيسرن اقتدار جي نشي ۾ مهذب پڻي جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا. جنرل ڊائر رواجي چرپر، جلسن، جلوسن تي بندش وجهي ڇڏي. انگريز فوجي آفيسر چتاءُ ڏنو ته ضرورت پوڻ تي هٿيارن جو استعمال ڪري به حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي روڪيو ويندو.

جليانواله باغ ۾ ٿيندڙ فائرنگ سبب گولين جا نشان اڄ به ڀِتين تي موجود آهن

ٻئي طرف ڪجهه عرصي کان شروع ٿيل تحريڪ عروج تي پهتل هئي عوام انگريزن جي حڪم کي نظر انداز ڪري ڇڏيو عام ماڻهو، عورتون توڙي ٻار ٻچا سڀ تحريڪ جي اڀار ۾ جهڙوڪ شامل ٿي ويا هئا. 13 اپريل تي شام جو اٽڪل ساڍين چئن جو وقت هو جو عوام امرتسر جي مشهور جليانواله باغ ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويو. عام جلسي ۾ سوين ماڻهو شريڪ ٿيا. انگريز انتظاميا هندستاني شهرين جي ان عمل تي مڇرجي پئي. عوامي مزاحمت هاڻي گهڻو اڳتي نڪري وئي. ماڻهن سرعام انگريزن جي حڪمراني، انگريزن جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو هو.

جليانواله باغ جي يادگار

ورهين کان هيڻن حالن ۾ گهاريندڙ هندستاني ماڻهن جي اندر ۾ دکندڙ نفرت ۽ بغاوت اوچتو ڀڙڪو کاڌو هو. سوين ماڻهو باغ ۾ گڏ ٿي حڪمرانن کان عملي طور نفرت جو اظهار ڪري ڇڏيو هو. انگريز عملدار جنرل ڊائر کي اها ڳالهه انتهائي ڏکي لڳي جيڪو وڏي نفري سان سموري باغ کي گهيري، ٻاهر نڪرڻ جي رستن کي بند ڪري، فائرنگ جو حڪم ڏنو. هٿين خالي ماڻهن تي برسات وانگر گوليون وسايون ويون. چيو ٿو وڃي ته انگريز فوجي حڪم ڏنو هو ته آخري گولي ختم ٿيڻ تائين فائرنگ بند نه ٿئي. پر اها ويهين صدي جي کليل وحشت هئي. فاتح حڪمرانن محڪوم ۽ مفتوح ماڻهن کي انتهائي بيدردي سان چٿي ماري ڇڏيو. 379 ماڻهو قتل ٿي ويا ۽ 1200 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا هئا. ان کانپوءِ ڏيڍ مهيني تائين مارشل لا لڳائي وئي. جنهن دوران هزارين ماڻهن کي روز فوجي چوڪين تي وڃي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻي پوندي هئي. ڪيترن ئي نظربند رکيو ويو هو. ڪيترن ماڻهن کي رڳو شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري الزام مڙهي سخت سزائون ڏنيون ويون. ننڍي کنڊ جي عوام سان اهو ظلم پنهنجي جاءِ تي جاري رهيو ته وري ٻئي پاسي انگريزن خلاف نفرت وڌندي رهي ۽ نيٺ انگريزن کي ملڪ ڇڏڻو پيو.

انگريز اڄ دنيا کي مهذب بڻائڻ جي لاءِ سامراجي ملڪن سان گڏجي پڍتي پيل معاشرن کي اڳڀرو ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر سندس ويجهو ماضي/ننڍي کنڊ ۾ سندن آمد، قيام ۽ حڪمراني جو دور تاريخ جو گهڻو ڏکوئيندڙ وقت رهيو آهي.

ڇا اڄوڪو مهذب انگريز/برطانيا ننڍي کنڊ جي عوام کان اهڙي ظلم تي باقاعده معافي وٺندو؟ جيڪڏهن دنيا ۾ پاڻ کي ”سڌريل“ چورائڻ لاءِ برطانيا باقاعده معافي طلب به ڪري وٺي ته پوءِ ڇا انگريزن/ برطانيا جا ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي ڏنل ڏنڀ وسري ويندا. يا تاريخ جي اهڙن قهري، ڪارن صفحن تي پکڙيل خون جا داغ ڌوپجي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.