رپورٽ:ڏهرڪي: ٻن گهرن کي باهه، فائربرگيڊ جو تيل ختم ٿيڻ سبب ڌڪي پهچايو ويو

ڏهرڪي ويجهو ڀرچونڊي شريف ۾ محمد اسحاق بوزدار ۽  محمد عثمان بوزدار جي ٻن گهرن کي باهه وڪوڙي ويئي، جڏهن تھ باهه وسائيندڙن باهه وسائڻ کي ڇڏي فائربرگيڊ کي ڌِڪا ڏئي باهه واري هنڌ تائين پهچايو.

محمد اسحاق بوزدار ۽  محمد عثمان بوزدار  جي گهرن کي  تارن مان اوچتو باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب سندس گهر ۾ رکيل اناج ، سونا زيور،  فرج ، ٽيليويزن سميت سمورو سامان سڙي رک بڻجي ويو.

فائربرگيڊ عملي کي بروقت اطلاع ڏنو ويو جيڪا باهه واري هنڌ پهتي تھ سندن تيل ختم ٿي ويو جنهن کي ماڻهن ڌڪي باهه تائين پهچايو.

فائربرگيڊ وقت تي نھ پهچڻ ۽ تيل ختم ٿي وڃڻ سبب گهر ڌڻين جو وڏو نقصان ٿيو آهي.

باهه جا متاثر کليل آسمان هيٺ واهر جي انتظار ۾ ويٺل آهن…………..

رپورٽ-رمضان پيرزادو

***********

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.