اهور ( ويب ڊيسڪ ) ڳائڻي ميشا شفيع علي ظفر پاران ساک کي نقصان رسائڻ واري دعويٰ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندڙ جج تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو.
ڳائڻي ميشا شفيع طرفان جج جي تبديلي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي تبديلي بابت فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 7 مئي تائين ملتوي ڪري.
ميشا شفيع پنهنجي وڪيل فرهاد علي شاهه ذريعي جج جي جانبداري خلاف درخواست به لاهور جي مقامي عدالت ۾ جمع ڪرائي.
رپورٽن موجب ميشا شفيع طرفان لاهور جي سيشن جج کي درخواست ڏني وئي آهي جنهن ۾ موقف ڄاڻايو ويو آهي ته ساک کي نقصان رسائڻ واري دعويٰ تي ٻڌڻي ڪندڙ جج جانبداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. موجودا جج منهنجن وڪيلن تي بنا سبب ڪاوڙ پڻ ڪئي.
ميشا شفيع طرفان استدعا ڪئي وئي آهي ته سيشن جج لاهور دعويٰ کي ٻئي جج ڏانهن ٽرانسفر ڪرڻ جو حڪم ڏي. ميشا جي درخواست تي سيشن جج ٻڌڻي ڪندو.