حڪومت اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ايف بي آر جي چيئرمين کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ايف بي آر جي چيئرمين جهانزيب خان کي عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب طارق باجوه پنهنجي استعيفيٰ ناڻي واري وزارت ذريعي وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي موڪلي آهي.  طارق باجوه کي اڳوڻي صدر ممنون حسين ست جولاءِ 2017ع تي ٽن سالن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جو صدر بڻايو هو سندس مدو جولاءِ 2020ع ۾ ختم ٿيڻو هو. ايف بي آر چيئرمين جهانزيب خان کي به عهدي تان هٽايو ويو آهي. وزيراعظم هائوس جي ذريعن موجب ايف بي آر چيئرمين جهانزيب خان جي تبديلي جو فيصلو اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر جي وزارت دوران ئي ٿي ويو هو. ذريعن موجب ايف بي آر چيئرمين اثاثا ڊڪليئر ڪرڻ جي اسڪيم کي اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، ايف بي آر جي چيئرمين جو چوڻ هو ته اها اسڪيم وزيراعظم جي هدايت تي تيار ڪئي وئي آهي.  ذريعن موجب ايف بي آر چيئرمين جي اهڙي موقف تي وزيراعظم ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ شيخ رشيد هڪ جملو چيو هو ته اسڪيم ٺاهيندڙ ئي ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.