اسلامي ترقياتي بئنڪ طرفان ڪامياب نوجوان پروگرام ۾ ڀائيوار بڻجڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  نوجوانن جي ڀلائي واري مشن ۾ حڪومت کي وڌيڪ هڪ ڪاميابي ملي وئي آهي، اسلامي ترقياتي بئنڪ ڪامياب نوجوان پروگرام ۾ پاڪستان جو ڀائيوار بڻجھڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  اسلامي ترقياتي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي نوجوانن بابت خاص مددگار عثمان ڊار سان ملاقات ڪئي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جو صدر وليد الووحيب ۽ ٻيا عملدار وفد ۾ شامل آهن. عثمان ڊار وفد کي نوجوانن بابت مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني.  بئنڪ جي وفد ڪامياب نوجوان پروگرام ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي نوجوانن جي ڀلائي  ۾ پاڪستان جو ڀائيوار بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بئنڪ اختيارين چيو ته منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ۽ ڀائيواري لاءِ تيار آهن. عثمان ڊار چيو ته وزيراعظم جلد ڪامياب جوان پروگرام شروع ڪرڻ وارو آهي، حڪومت وڏي رقم نوجوانن تي خرچ ڪندي.  هن چيو ته وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا منصوبي تي غور ڪري رهيا آهن، ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پروگرام شروع ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.