گم ٿيل مخالف ڌر جو اڳواڻ لنڊن ۾ تفريح ڪري رهيو آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو  آهي ته مخالف ڌر جا دليل هارائي ويا، عمران خان جو نظريو ڪامياب ٿي ويو، لنڊن ۾ سير، تفريح ۽ پيشي جي موقعي تي گم ٿي ويندا آهن، نواز شريف ضمانت بعد هڪ ڏينهن به اسپتال ۾ داخل نه ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين نه هئڻ گهرجي ها، شهباز شريف بابت عمران خان جو موقف درست ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته ضمانت وٺڻ بهانو آهي، اصل نشانو لنڊن وڃڻو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد آهن، عدالتون حقيقتن تي فيصلا ڪنديون آهن، گم ٿيل مخالف ڌر جو اڳواڻ لنڊن ۾ سير ۽ تفريح ڪري رهيو آهي، نواز شريف ضمانت کانپوءِ هڪ ڏينهن به اسپتال داخل نه ٿيو آهي. فردوس عاشق اعوان چيو ته نيب مخالف ڌر جي اڳواڻ کي طلب ڪندي آهي ته هو بيمار ٿي پوندو آهي، سندس عوام کي ورغلائڻ جو سلسلو ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته شريف ڀائر  عدالتن کي راضي نه ڪري سگهيا ته عوام کي ڪيئن ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.