اسٽيٽ بئنڪ زڪوات جي نصاب جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اسٽيٽ بئنڪ زڪوات جي نصاب جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پهرين رمضان تي بئنڪن مان ڪٽوتي ڪئي ويندي. اسٽيٽ بئنڪ مذهبي معاملن جي وزارت سان مشورو ڪري زڪوات جي نصاب جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين رمضان تي بئنڪن مان زڪوات جي ڪٽوتي ٿيندي، زڪوات جو نصاب ساڍا 52 تولا چاندي جي قيمت تي ڪيو ويو آهي، بئنڪن ۾ 44 هزار 415 رپيه رکندڙ صارفين کان زڪوات جي ڪٽوتي ڪئي ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.