فلم “ايونجرس اينڊ گيم” جا اداڪار ڪيترو معاوضو وٺندا آهن؟

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪمائي ڪندڙ سپر هيرو فلم “ايوينجرز اينڊ گيم” فرنچائز اسٽارز پاڻ ڪيترو معاوضو وٺندا آهن. هيٺ پڙهندا

“ايونجررز اينڊ گيم” سموري دنيا ۾ هن وقت تائين 10 هزار ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪري چڪي آهي ۽ اهو سلسلو هن وقت به جاري آهي.

ايونجرز جي هر فلم ۾ نوان سپر هيروز شامل ٿيندا رهندا آهن پر ان سيريز جا ڪجهه ڪردار جن ۾ آئرن مين (رابرٽ ڊائوني جونيئر)، ڪيپٽن آمريڪا (ڪرس ايوان)، هلڪ (مارڪ رفيلو)، ٿور (ڪرس هيمس ورٿ) ۽ بليڪ وڊو (اسڪارلٽ جانسن) شامل آهن جيڪي شروع کان ئي ان فلم جو حصو آهن جن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. پر انهن سڀني اداڪارن يا ڪردارن مان  آئرن مين کي گھڻي اهميت حاصل آهي ۽ ان حساب سان سندس جو معاوضو به فلم جي ٻين ڪردارن کان وڌيڪ آهي.

رابرٽ ڊائوني جونيئر جو مارول اسٽوڊيو سان معاهدو آهي جنهن تحت هو فلم جي معاوضي سان گڏ فلم جي فائدي مان به حصو وٺندو آهي. هن کي پوئين فلم “ايونجرز انفنٽي وار” لاءِ 106 ملين ڊالرز تقريبن 736 ڪروڙ معاوضو ڏنو ويو هو جنهن ۾ 75 ملين ڊالرز فلم جو معاوضو ۽ 31 ملين ڊالرز فلم جو منافعو شامل هو. انهن انگن اکرن کي ڏسندي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته رابرٽ کي “ايونجرز اينڊ گيم” جي ڪاميابي کان پوءِ منافعي مان ڳرو معاوضو ملڻ جي اميد آهي.

رابرٽ ڊائوني جونيئر کان پوءِ ٻين اداڪارن جو به مارول اسٽوڊيو سان معاهدو ڪيل اٿن جنهن تحت فلم ۾ ٿور جو ڪردارادا ڪندڙ آسٽريلوي اداڪار ڪرس هيمس ورٿ 2010ع ۾ مارول اسٽوڊيو سان 5 فلمن جو معاهدو ڪيو هو پر “انفنٽي وار” ۽ اينڊ گيم” کان اڳ ڳالهيون ڪيون جنهن کان پوءِ هن ايونجرز سيريز جي ٻنهي فلمن لاءِ في فلم 15 کان ملين ڊالرز جو معاوضو ڏنو ويو آهي.

فلم ۾ ڪيپٽن آمريڪا جو ڪردار ادا ڪندڙ ڪرس ايوان کي گھڻو پسند ڪيو ويندو آهي. شروعات ۾ ڪرس ايوان مارول اسٽوڊيوز سان 5 فلمن جو معاهدو ڪيو هو هن به “ ايونجرز اينڊ گيم” کان اڳ معاهدي ۾ ترميم ڪئي جنهن ۾ هن جو معاوضو وڌائي 15 کان 20 ڊالرز ٿي ويو.

فلم جي هڪ ٻئي مرڪزي اداڪارا اسڪارٽ جانسن جو ڪردار به “ايونجرز اينڊ گيم” ۾ ختم ڪيو ويو آهي. جانسن کي ان فلم لاءِ ڪيترو معاوضو ڏنو ويو آهي ان جا تفصيل ته في الحال منظر عام تي ناهن آيا، پر خبرن موجب هو پنهنجي نئين سپر هيرو فلم اسٽينڊ الون بليڪ وڊو فلم لاءِ 20 ملين ڊالرز جو معاوضو وٺندي اها فلم 2020ع ۾ ريليز ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.