نيويارڪ حملن جي سازش جي جوابدار طلحه هارون جي آمريڪي حوالگي روڪي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل ۾ قيد پاڪستاني ڄائي شهري طلحه هارون کي آمريڪا حوالي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني نيويارڪ حملن جي سازش جي جوابدار طلحا هارون جي آمريڪا حوالگي بابت درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي آمريڪا حوالي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. عدالت قرار ڏنو ته هڪ ڊاڪ رپورٽ  سان ڪنهن فرد کي ٻئي ملڪ حوالي نه ٿو ڪري سگهجي.  عدالت حڪم ڏنو ته آمريڪي جاچ آفيسر پاڪستان ۾ انڪوائري مئجسٽريٽ اڳيان پيش ٿي، پاڪستاني ماتحت عدالت آمريڪي جاچ آفيسر ۽ طلحا هارون جي وڪيلن جو موقف ٻڌندي، پوءِ انڪوائري مئجسٽريٽ 60 ڏينهن ۾ طلحه هارون جي حوالگي جو فيصلو ڪندو. 21 ورهين جي طلحا هارون تي داعش جي جوابدار هئڻ جو الزام آهي ۽ مٿس 2016ع ۾ نيويارڪ ٽائيمز اسڪوائر زمين هيٺ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ تي حملن جي منصوبابندي جو ڪيس داخل آهي کي 2016ع ۾ ڪوئٽا مان گرفتار ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.