شگر جي مريضن لاءِ ڪجهه ضروري ڳالهيون!

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ننڍي پيماني جي هڪ مطالعي مان انڪشاف ٿيو آهي ته جيڪڏهن کائڻ جي وقت تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته ان جو هڪ بهترين فائدو رت ۾ شگر جو مقدار قابو ڪرڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.

جيڪڏهن شگر جي ڪناري تي بيٺل مريض پنهنجو کاڌو 9 ڪلاڪن جي اندر اندر ختم ڪري ته ان جي رت ۾ شگر جي مقدار کي قابو ڪرڻ ۾ گھڻي مدد ملي سگھي ٿي، شگر جي ڪيفيت ۾ گھڻا عمل پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن جن ۾ کائڻ جي طرز زندگي به شامل آهي.

هڪ نئين مطالعي مان انڪشاف ٿيو آهي ته خوراڪ سان شگر تي اثر پوندو آهي پر پنهنجي وقت تي کائڻ سان به ان تي فرق پوندو آهي. ان ڪري لاهولا، ڪيليفورنيا ۾ سالڪ اسنٽيٽيوٽ آف بائلوجيڪل اسٽڊيز جي ماهرن پهريان ڪوئن کي شگر ۾ مبتلا ڪيو ۽ ان کان پوءِ انهن کي صبح 9 کان شام 6 وڳي تائين سمورو کاڌو کارائي ان تي سختي سان عمل ڪرايو ويو. ان کان پوءِ انسانن تي ان جي آزمائش ڪئي وئي.

ان ڏس ۾ 15 اهڙن مردن کي ڀرتي ڪيو ويو جيڪي ٽائپ ٽو شگر مرض جي ويجهو پهچي چڪا هئا. انهن ۾ 30 کان 70 ورهين جي عمر جا ماڻهو شامل هئا. ڊاڪٽرن چيو ته هنن هڪ هفتي تائين صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي جي وچ ۾ پنهنجو کاڌو کائي مڪمل ڪريو.

ان تجربي ۾ شريڪ ماڻهن جي هڪ ٻئي گروهه کي رات جو 9 وڳي تائين کاڌو کائڻ جي اجازت ڏني وئي. پر ان دوران انهن کي اها ئي عام خوراڪ کارائي وئي جنهن کي هو پسند ڪندا هئا ۽ هنن جي رت ۾ گلوڪوز جي مقدار کي روزانو جي بنيادن تي نوٽ ڪيو ويو.

نتيجو اهو نڪتو ته جيڪڏهن ڏينهن ۾ 9 ڪلاڪن دوران کائڻ پيئڻ جا ويلا مڪمل ڪيا وڃن ته اهڙي ريت رت ۾ شگر جو مقدار برقرار رهندو آهي. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته اهڙي ريت وزن ۾ معمولي گھٽتائي به نوٽ ڪئي وئي.

ان کان پوءِ ماڻهن کي چيو ويو ته هو وڌيڪ 8 هفتن تائين ان کي برقرار رکن ۽ صبح جو ساڍي نائين وڳي کان شام جو ساڍي ستين تائين پنهني خوراڪ مڪمل ڪن ان کان پوءِ هنن جي فاسٽنگ گلوڪوز جي سطح بهتر ٿي ۽ شريڪ ماڻهن ۾ شگر جو وڌندڙ خطرو هوريان هوريان نارمل ٿيندو  ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.