بدين جا پاڻي چور وڏيرا ۽ اڃايل عوام

عنايت پيرزادو

پاڻي جياپو ۽ زندگي جي علامت هجڻ سان گڏوگڏ انسانن سميت سمورن ساهوران جو بنيادي ۽ پيدائشي حق آهي، پر افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته ڀٽائي جي ڀونءَ ۽ صوفياڻي سنڌ ۾تعليم، صحت، روڊن رستن ۽ روزگار سان گڏوگڏ ٿر، ڪاڇي ۽ لاڙ جي ڪيترن ئي علائقن جا رهواسي پيئن جي صاف پاڻي کان به محروم آهن ۽ گندو پاڻي واپرائي ڄڻ ته بيماريون پي رهيا آهن، جڏهن ته زرعي پاڻي جي کوٽ ڪري 90 سيڪڙو زراعت تي دارومدار رکندڙ هن زرعي سماج واري ڌرتي جا ماڻهو بک ۽ بدحالي طرف ڌڪجي رهيا آهن پر ڪير به سندن زخمن تي مرهم رکڻ وارو ناهي.

پاڻهين ٻڌن پٽيون، پاڻهين چڪيا ڪن. (ڀٽائي)

اڄ جڏهن بدين ضلعي ۾پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، هزارين ايڪڙ زمينون سڪي ٺوٺ ٿي وڃڻ ڪري هاري ۽ آبادگار ڪنگال ٿي ويا آهن، رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان هجڻ ڪري سراپا احتجاج بڻيل آهن، پنڌ مارچ، ڌرڻا ۽ بک هڙتالون ڪري هڪڙي ئي سدا بلند ڪري رهيا آهن ته “ بدين کي پاڻي ڏيو ” ان وقت ڌرتي جي هنن ستايل سانگين جي دانهن ورنائڻ ۽ ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻ هر ماڻهو جو اخلاقي فرض بڻجي ٿو، ڇو ته گڏجي سگهاري جدوجهد ڪرڻ بنا ڪو به مسئلو حل نٿو ڪرائي سگهجي :

ڏکيون جا نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي (ڀٽائي)

دنيا جي سڌريل ملڪن جن مان ڪيترائي ئي گئس، تيل ۽ ڪوئلي سميت قدرتي وسيلن توڙي پيداواري ذريعن جي حساب سان پاڪستان کان گهڻو پوئتي آهن پر اتي شهرين جي تعليم، صحت ۽ ايتري تائين جو راشن جو پورائو ڪرڻ لاءِ به کين راشن ڪارڊ ڏنا ويندا آهن پر وسيلن سان مالا مال سنڌ ڌرتي جا رهواسي سمورين بنيادي سهولتن سميت پيئڻ ۽ زرعي پاڻي لاءِ به پريشان آهن، ڪوئلو ڏيندڙ ٿر واسين کي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، گهوٽڪي مان تيل ۽ گئس نڪري ٿي پر مقامي ماڻهن لاءِ اسڪول ۽ اسپتالون ناهن، وفاق کي 75 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ سنڌ بک ۽ بدحالي جا منظر پيش ڪري رهي آهي ۽ مختلف مسئلن کان تنگ ٿيل عوام احتجاجن روڊن تي آهي.

تتي ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي (ڀٽائي)

بدين ۾پاڻي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل عوام جو احتجاجن ۾اهو ئي موقف آهي ته بااثر ماڻهو ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن جي مدد سان پاڻي چورائي پنهنجون زمينون آباد ڪري رهيا آهن جنهن ڪري غريب هارين ۽ آبادگارن جو زمينون بنجر ٿي رهيون آهن، هنن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته بنا دير پاڻي ڏئي کين بدحاليءِ کان بچايو وڃي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سڄاڻ ڌرين جو ته ساڻن ڀرپور ساٿ آهي ۽ مختلف ماڻهو سندن ڀرپور حمايت ڪري رهيا آهن پر سرڪار ان مسئلي جي حل لاءِ اوتريون ڪوششون ناهن ورتيون جيتري عوام کي تڪليف آهي ۽ جن سان مسئلو تڪڙو حل ٿي سگهي.

سو بدين ضلعي جي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن سميت سرڪار کي گهرجي ته بنيادي ضرورت پاڻي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل بدين واسين جو پاڻي کوٽ وارو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي مقامي ماڻهن ۽ پاڻي ماهرن کان صلاحون وٺي پاڻي کوٽ جلد ختم ڪرڻ جو ڪم تڪڙو شروع ڪن جيئن انساني حقن جي اها ڀڃڪڙي رڪجي سگهي ۽ عوام سک جو ساهه کڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.