آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پي ٽي ايم بابت وضاحت ڪري ڇڏي…..!

پي ٽي ايم پاڻ مسئلو ناهي، پي ٽي ايم جا ڪجهه ماڻهو غيرن جي هٿن ۾ پيا کيڏن

پشاور(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور جو دورو ڪيو، پاڪ فوج جي سربراهه پشاور ڪور جي آڊيٽوريم ۾ يونيورسٽين جي شاگردن سان ڳالهيون ڪيون.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه پشاور جو دورو ڪيو جتي هن پشاور ڪور جي آڊيٽوريم ۾ شاگردن سان ڳالهيون ڪيون.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ان موقعي تي چيو ته پي ٽي ايم پاڻ مسئلو ناهي، پي ٽي ايم جا ڪجهه ماڻهو غيرن جي هٿن ۾ پيا کيڏن.

پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته پرڏيهه کان مدد وٺندڙ ڪجهه ماڻهو مقامي آبادي جي جذبن سان کيڏي رهيا آهن.

هن چيو ته قوم ۽ هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون. سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تعليم جو اهم ڪردار آهي، نوجوان قوم جو مستقبل آهن ۽ پاڪستان نوجوانن جو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.