رپورٽ: غوثپور: باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا

غوثپور جي  شيخ پاڙي۾ چلھ جي چڻنگ مان اوچتو باھ لڳڻ سبب ميراڻي برادري جي ٽن گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي .

باهه لڳڻ سبب ممتاز۔عبدالخالق ۽ خالد ميراڻي  جا گھر مڪمل سڙي رک ٿي ويا.

متاثرن ٻڌايو ته اوچتو باھ لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل ڪپڙا۔ ڏاج۔ سونا زيور۔ روڪ رقم۔ ھنڌ بسترا  ۽ ٻيو ڪيترو هي قيمتي سامان   الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو.

متاثرن دانھيو ته اطلاع باوجود فائير برگيڊ ھڪ ڪلاڪ دير پھتي.

ھنن ڊي سي ڪشمور توڙي سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته اسانجي واهر ڪري اسانجي مالي مدد ڪئي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.