سپريم ڪورٽ لال مسجد آپريشن پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پاران جامعه حفصه جي اڏاوت ۽ زمين ڏيڻ جي خاطري تي سپريم ڪورٽ  لال مسجد آپريشن پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ لال مسجد آپريشن پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ حڪومت طرفان جامعه حفصه جي اڏاوت ۽ زمين ڏيڻ جي خاطري تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل لال مسجد ۽ جامعه حفصه بابت رپورٽ مُهربند لفافي ۾ جمع ڪرائيندي چيو ته حساس معاملو هئڻ سبب رپورٽ مُهربند لفافي ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.  جسٽس يحيحيٰ آفريدي چيو ته جيڪڏهن مُهر بند رپورٽ بابت ڪو قانون ناهي ته پوءِ  رپورٽ ڏسڻ ڌرين جو حق آهي.

جسٽس گلزار چيو ته جامعه حفصه بابت رپورٽ ۾ اهڙي ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي، اهو ته هڪ مجسٽريٽ جو صحيح ٿيل ڪاغذ آهي، ڇا اوهان جامعه حفصه کي پلاٽ ڏئي رهيا آهيون؟  جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته پهرين پلاٽ جي برابر 200 گز جو پلاٽ جامعه حفصه جي اڏاوت لاءِ ڏنو ويندو، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي حڪم موجب جامعه حفصه حڪومتي ملڪيت هوندي.

جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان جي سامهون رڳو پلاٽ جو ئي مسئلو آهي باقي معاملا حڪومت ڄاڻي، اسان ڪنهن به نئين مسئلي ۾ نه پونداسين. جسٽس يحيحيٰ آفريدي چيو ته عدالت پاليسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي.

جسٽس گلزار احمد چيو ته حڪومتي ملڪيت تي اڏجندڙ مدرسو به حڪومت جو هوندو، جڏهن پلاٽ حڪومت ڏئي رهي آهي ته پوءِ ڪنٽرول به حڪومت جو ئي هوندو. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته زمين ۽ اڏوت جي خاطري کان پوءِ ڪيس هلائڻ جو ڪو مقصد نٿو رهي. اهو چئي عدالت لال مسجد آپريشن پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

لال مسجد جي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ گهڻائي ايشوز آهن جن کي ختم نٿو ڪري سگهجي، اهو ڪيس رڳو هڪ پلاٽ لاءِ نه هو، خون بها، لال مسجد آپريشن سميت مختلف ايشوز هئا، جنهن تي جسٽس گلزار چيو ته جيڪي مسئلا آهن ٻڌايو اسان ٻڌون ٿا، خون بها وارو فيصلو ته سيشن ڪورٽ ڪندي، ڪيس اڪلائي چڪا آهيون پر اوهان جا مسئلا وقفي کان پوءِ ٻڌا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.