رپورٽ:نوشهرو فيروز: قومي شاهراهه تي حادثو ، ٽي مسافر فوت، 20 زخمي

*نوشهرو فيروز ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽي مسافر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته  20 مسافر زخمي ٿي پيا.

 ڊيرا اسماعيل خان کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ سڌوجا وٽ ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب روڊ تان لهي ڪلٽي ٿي پئي.

 فوتين ۾ ڪراچي واسي قاري حافظ غلام قادر تبسم , بلاول علي ۽ هڪ نامعلوم  شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ سرفراز احمد , غلام نبي , امام بخش , ڪريم ڏنو , فياض علي , جنيد احمد , لعل بخش , جيرو , پياس علي ۽ ٻيا شامل آهن

فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي ترت ئي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي جڏهن ته فوتين جا مڙهه اسپتال ۾  پيل آهن ………………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.