رپورٽ:ڪلوئي: آر او پلانٽ ناڪارا بڻجي ويا، ڳوٺاڻا پريشان

*ڪلوئي تعلقي ۾ قائم کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ وارا ڪيترائي آر او پلانٽ ناڪاره بڻجي ويا،  گرم موسم ايندي ئي ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سخت پريشان ٿي ويا آهن .

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته  ڪيترن ئي ڪلو ميٽرن تان جر جو کارو پاڻي ڀري اچون ٿا جنهن سبب ننڍا ٻار توڙي وڏا پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن

ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺن سارهوڙ ،ٻانڌو، آرڏو، ڄار جو پتڻ، الهجڙيو لنڊ ،کاڙڪ ڍوٻارو ،فتح خان لنڊ، لس سميت ڪيترن ڳوٺن ۾ آر پلانٽ ناڪاره بڻيل  آهن جڏهن ته ڪيترن ئي آر او پلانٽن جون چور سولر پليٽون پڻ ٻهاري ويا

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي انجنيئر پبلڪ هيلٿ جنهور حال جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل آر او پلانٽ پاڪ اوسيس ڪمپنيءَ جا آهن ۽ جون تائين کين هلائڻا هئا.

هن چيو ته  ڪلوئي تعلقي جا آر او پلانٽ اسان وزٽ ڪري رپورٽ ٺاهي رهيا آهيون جيڪا پاڪ اوسز ۽ ڊي سي او ٿرپارڪر کي پيش ڪئي ويندي……………………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.