رپورٽ:ٽنڊوجان محمد: ٻالڪ جي خون سان انصاف ڪڏهن ٿيندو …؟؟؟

*ٽنڊي جان محمد ويجهو ڪجهه ڏينهن پهرين ٻالڪ کي قتل ڪري آپگهات جو رنگ ڏنو ويو هو،

 طارق آرائين جي چوپائي مال جي واڙي تي ڪم ڪندڙ  ڳوٺ اڪبر آباد جو رھواسي پندرھ سالن جو لوڻيو ميگھواڙ کي ڪجھ ڏينھن پھرين قتل ڪري آپگهات جو رنگ ڏنو ويو هو .

مبينا طور قتل ڪيل  لوڻيو ميگھواڙ جي ڀاء  ويرمون عوامي آواز ٽي وي نيوز سان ڳالھائيندي  چيو ته سندس ڀاءُ جي جسم تي تشدد جو نشان هئا ۽ سندس نازڪ عضوو چڇريل هو ۽ بليڊن جا جيهر پڻ ڏنل هئا.

 هن چيو ته ڪيترائي ڏينهن گذرڻ ۽ ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي

هن ٻڌايو ته  سندس امڙ  سيتا ٻائي ۽ ڀيڻ  لڇمي ٻائي کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن ايس ايڇ او آفتاب رند بااثر جوابدارن جي ونگھار وھي رھيو آھي.

  ھنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ  ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي سندن نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ……………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.