رپورٽ:ڪوٽڏيجي: ڳوٺاڻن ڇو ۽ ڪنهن جي خلاف ڪيو احتجاج

*ڪنب جي ڳوٺ مشتاق شنباڻي جي رهواسي شنباڻي برادري جي ماڻهن  ڀوتار جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو .

ڪنب جي ڳوٺ مشتاق شنباڻي جي رهواسين زنوار حاڪم علي شنباڻي دربان علي شنباڻي محمد علي شنباڻي لاکيڻو خان شنباڻي مکڻ خان شنباڻي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

ڌرڻي کي خطاب ڪندي دربان علي شنباڻي زنوار حاڪم علي شنباڻي مکڻ خان شنباڻي ۽ ٻين چيو ته  ڳوٺ مشتاق شنباڻي قديمي آهي ۽ ابن ڏاڏن کان  هو  ڳوٺ ۾ رهن .

  هنن چيو ته  ڳوٺ جو وڏيرو لياقت علي شنباڻي کين   ڳوٺ مان لڏائڻ چاهي ٿو ۽ سندن  گهرن ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو .

 هنن چيو ته وڏيرو لياقت علي شنباڻي اسان مٿان ظلم ڪري رهيو آهي  پوليس ساڻ ڪري اسان جي گهرن مان سامان اڇلائي ٿو ۽ اسان کي لڏائڻ چاهي ٿو .

ڳوٺاڻڻ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي آهي ته مامري جو نوٽيس وٺي کين بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي ………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.