رپورٽ:لاڙڪاڻو: ڪرپٽ حڪمرانن خلاف گڏيل آواز اٿارڻ جي گهرج آهي: قادر مگسي

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، گلزار سومرو، هوت خان گاڏهي ۽ ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن توڙي ۽ پورهيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته دنيا جي وڏن وڏن ملڪن ۾ انقلاب آيا، جنهن ۾ نه صرف مزدورن پر هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن حصو وٺي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي،

سندس چوڻ هو ته آمريڪا ڪاري رنگ سان واسطو رکندڙ آفريڪا جي ماڻهن تي ظلم ڪندي سندن کي ذاتي غلام بڻايو، جنهن کان پوءِ ڪاري رنگ سان واسطو رکندڙن تحريڪ جو آغاز ڪيو، جنهن ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي

ايس ٽي پي سربراهه چيو ته انقلاب ۽ ڪاميابي ڪائي پٿر تي ليڪ نه آهي، سڀني کي گڏجي ان تي ڪم ڪرڻ جي اهم ضروت آهي،

هن چيو ته وقت جي اهم ضروت آهي ته پاڻ ۾ سڀ گڏجي غلامي مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ڪرپٽ حڪمرانن کان پنهنجا جائز حق وٺون……….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.