بوزداروڏا ۾ امن ويلفئير آرگنائيزيشن طرفان مزدورن جو عالمي ڏهاڙي تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڀر پاسي جي مزدورن ۽ واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي امن ويلفيئر آرگنائيزيشن جي اڳواڻن غلام مرتضيٰ منگي، عبدالمجيد ملاح ۽ ٻين چيو ته مزدور سماج جو خاص طبقو آھي، جنهن کان سواء هر شيء اڻپوري آھي پر پوء به اهڙي مهانگائي جي دور ۾ مزدورن جي اجرت گهٽ آهي.
سندن چوڻ هو ته روز مرھ جي استعمال جي شين جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ ڪري مزدور رات ڏينهن ڪم ڪرڻ باوجود به پنهنجن ٻچڙن جو ٻه ويلا پيٽ نٿو ڀري سگهي.
اڳواڻن چيو ته اڄ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي حڪومت پاران مزدورن کانسواءِ هر کاتي کي موڪل ڏني آهي پر مزدور پنهنجي عالمي ڏهاڙي تي به ٻچڙن جو پيٽ پالڻ لاء مزدوري ڪري رهيا آهن
هنن وزيراعظم ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي جي دور ۾ مزدورن جي اجرت ۾ واڌ ڪري سندن اهنجن کي گهٽايو وڃي………………..