سينٽرل جيل ڪراچي مان قيدي فرار ٿيندي پڪڙجي پيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) سينٽرل جيل مان قيدي جي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

ذريعن موجب جيل جي ايوب وارڊ ۾ قيد شهريار خان صبح بئرڪس کلڻ کانپوءِ غوثيا ڪالوني ڏانهن رُخ ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، قيدي جيل جي اندرئين حصي ۾ سيڪيورٽي جا ٻه دائرا سولائي سان پار ڪري ويو، ان دوران ڪٿي به ڪو پوليس اهلڪار نظر نه آيو پر ٽئين دائري جي سلسلي ۾ قائم واچ ٽاور تي مقرر ايف سي اهلڪار جڏهن ان شخص کي سرعام گهمندي ڏٺو ته بنا دير تنبيهه ڪئي ۽ کيس گرفتار ڪري وائرليس تي جيل پوليس کي اطلاع ڏنو، اطلاع ملندي ئي جيل پوليس جي وڏي نفري پهچي قيدي کي ٻيهر بئرڪ ۾ وٺي وڃي بند ڪيو.

آءِ جي جيل جي حڪم تي قيدي کي پڪڙيندڙ ايف سي جي سپاهي ولي خان ۽ جيل پوليس جي سپاهي يامين کي تعريفي سند ۽ انعامي رقم سان نوازيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيل انتظاميا اڳ ۾ ته واقعو لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي پر پوءِ پنهنجي ناقص ڪارڪردگي تي پردو وجهندي ايف سي اهلڪار سان گڏوگڏ پنهنجي سپاهي کي به انعامي رقم سان نوازيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.