سوڀيديري ۾ آءِ ڊبليو او ، سجاڳ تنظيم ، شھري اتحاد ۽ شھرين پاران پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي وئي.
محمد عيدل کوکر، شاهنواز سومري، فياض ميراڻي، مريد علي ملاح، جاويد علي چني ، محمد علي جماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي بھ پورهيت پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، پورهيتن کي پنهنجي اجرئت بھ نٿي ملي.
هنن وفاقي ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو تھ پورهيتن جي ڀلائيءَ لاءِ جوڳا قدم کڻي کين بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن…………..