رپورٽ:پکو: ٺيڪيدار پورھئي جي رقم کائي ويو ، پورهيت پاران پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

*پکي  ۾ ٺيڪيدار پورھيت مزدور جي پورھئي جي رقم کائي ويو ، مزدوري ڪرائڻ بعد ٺيڪيدار پورھيت کي پئسن کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو پورهيت پاڻ ساڙن جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.

پورهيت  گدا حسين ڪوري پريس ڪلب پهچي دانهيو ته ٺيڪيدرا عبدالرحمان شيخ سندس پورهئي جي رقم هڙپ ڪري ويو آهي.

گھوگھارو جي  اسڪول ۾ مزدوري ڪندڙ پورھيت ٻڌايو ته اسڪول جي اڏاوتي ڪم دوران  ڪم جي  اڌ رقم ڏني ۽ اڌ بعد ۾ ڏين جو واعدو پيو جنهن تان هو ڦري ويو آهي.

پورهيت چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کيس پنهنجي پگهر ۽ پورهئي جو اجر نه ڏنو ويو ته هو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندو .

ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ٺيڪيدار عبدالرحمن شيخ چيو ته مون وٽ ڪيترائي مزدور ڪم ڪندا آھن مان ان کي نه ٿو سڃاڻان , ان جي مزدوري جو حساب ڪتاب منشي کي خبر آھي مون کي ھن جي رھيل رقم جي خبر ناھي .

ٻئي طرف ٺيڪيدار جي منشي غلام مصطفي’ ڪلهوڙو ۽ مستري هدايت الله ٻڌايو ته پورھيت گدا حسين مزدوري ڪئي آھي ۽ ان کي ٺيڪيدار پاڻ مزدوري تي رکيو ھو ان جي مزدوري جا پئسه به ٺيڪيدار وٽ آھن………………….

*******

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.