اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي جو چوڻ آهي ته پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو مزدور عزت ۽ بنيادي حقن جي فراهمي جي عهد جو ڏينهن آهي جڏهن ته ٻين اڳواڻن پاران پڻ محنت ڪشن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، صدر عارف علوي مزدور ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو مزدور عزت ۽ بنيادي حق جي فراهمي جي عهد ۽ تجديد جو ڏينهن آهي، ملازم ۽ مالڪ ترقي ۾ ڀائيوار آهن، ملازم ۽ مالڪ جو رشتو صنعتي ۽ اقتصادي ترقي ۾ گهڻو اهم آهي، اچو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ عهد ڪريون.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو مزدورن جي عالمي ڏڻ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته حقن جي جدوجهد ۾ قربانيون ڏيندڙن کي سلام، پورهيت طبقو اڄ به پنهنجن جائزن حقن کان محروم آهي، اڄڪلهه مزدورن جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ معمول آهي، نيازي حڪومت مزدورن جي مفادن جو مخالف بڻجي چڪي آهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته موجودا حڪمرانن مهانگائي آسمان تي پهچائي غريب کان ماني کسي ورتي آهي. اهڙين ڏکين حالتن ۾ رڳو پيپلز پارٽي ملڪ کي سنڀالي سگهي ٿي، بهتري جي گنجائش آهي، پورهيتن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار محنت ڪشن جي حقن واري ڏينهن تي چيو ته 1886 تي شڪاگو ۾ محنت ڪشن حقن لاءِ قربانيون ڏنيون، اسلام محنت ڪش جي عظمت، ڀلائي جو درس ڏئي ٿو، نئين پاڪستان ۾ پورهيتن کي سندن حق ملندا.
خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رت پگهر سان دنيا آباد ڪندڙن کي ڀِيٽا پيش ڪيون ٿا، اڏاوت ۽ ملڪي ترقي ۾ مزدورن کي اهم ڀائيوار سمجهون ٿا.
مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي ريلوي واري وزير شيخ رشيد خاص پيغام ۾ چيو ته سمورن مزدورن کي سلام پيش ڪيان ٿو، مزدورن جي محنت ۽ لڳاءُ سان ئي ريل جو ڦيٿو هلي رهيو آهي، مزدورن کي جرئت کي سلام جن 30 نيون تي ٽرينون هلائڻ ۾ مدد ڪئي.
شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ريلوي جي مزدور جي وسيلن ۾ واڌ ۽ کين مراعاتون ڏيندس، گينگ مين ۽ ڪي مين کي سلام جيڪي سخت موسم ۾ کليل آسمان هيٺان ڪم ڪندا آهن.
سينٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هر سطح تي مزدورن جي حقن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، محنت ڪشن جو معيار بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جي ضرورت آهي