مستقبل ۾ دشمن جي اڳرائي جو جواب پهريان کان وڌيڪ سخت انداز ۾ ڏنو ويندو: ايئر چيف

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ ) ايئرچيف مارشل مجاهد انور جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ به دشمن اڳرائي جو جواب پهريان کان وڌيڪ سخت انداز ۾ ڏنو ويندو. ايئر هيڊ ڪوارٽرز ۾ 264 هين ايئر اسٽاف پريزينٽيشن واري تقريب ۾ خطاب ايئر چيف مارشل مجاهد انور جو چوڻ هو ته 27 فيبروري ٿي ٿيندڙ پاڪ هوائي فوج جي ڪارروائي تاريخ ۾ ” آپريشن سوفٽ ريٽارٽ “ جي نالي سان ياد رکي ويندي.

 

پاڪ فضائيه جي سربراهه جو چوڻ هو ته الله اسان کي قوم جي اميدن تي پورو لهڻ جو موقعو ڏنو ، پاڪ هوائي فوج جي وقت سر ڪارروائي اسان جي عزم ۽ حوصلي ۽ ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي اهليت جو هڪ بهترين مثال آهي.

 

ايئر چيف مارشل چيو ته آئون پاڪ فضائيه جي سمورن ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي هن ڏکين حالتن فارورڊ آپريٽنگ بيسز تي پنهنجون ذميواريون مثالي عزم ۽ حوصلي، استقامت ۽ بهادري سان سرانجام ڏئي رهيا آهن، مستقبل ۾ به دشمن طرفان ڪنهن به قسم جي اڳرائي جو جواب پهريان کان به وڌيڪ سخت انداز ۾ ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.