لاهور ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، پوليس اهلڪار قتل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي علائقي گلشن حيات پارڪ شاهدرا ۾ اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار قتل  ٿي ويو آهي.

پوليس موجب هيڊ ڪانسٽيبل اشفاق آءِ جي آفيس ۾ مقرر هو ۽ پنهنجي گاڏي تي  گهرواري ۽ ٻارن سان گڏ وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن مٿس فائرنگ ڪري ڏني.

هيڊ ڪانسٽيبل اشفاق کي اٺ گوليون لڳيون جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو، کيس زخمي حالت ۾ ميو اسپتال پهچايو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. پوليس واقعي واري هنڌ تان گولين جا 15 خول ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن. پوليس جو چوڻ  آهي ته واقعو ذاتي تڪرار لڳي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.