ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏينهن (اڄ) پهرين مئي اربع تي ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي. پهرين مئي 1886ع تي شڪاگو ۾ پورهيتن پاران وقت ۾ گهٽتائي ۽ بهتر حالت لاءِ شروع ڪيل جدوجهد ۽ قرباني جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، ان موقعي تي ڪروڙين پورهيت پنهنجي حقن جي جدوجهد دوران قيمتي زندگين جو نذرانو پيش ڪندڙ رفقاء کي عقيدت ۽ احترام سان خراج تحسين پيش ڪندا.پ پ طرفان اڄ ڪراچي جي علائقي دائود چورنگي ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي جلسو ڪيو ويندو، جنهن کي پ پ جو چيئرمين بلاو ل ڀٽو زرداري، پ پ اڳواڻ ۽ پورهيت اڳواڻ خطاب ڪندا، جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 1973ع جو آئين پورهيتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو، پ پ مزدورن کي حقن لاءِ جنگ جاري رکندي، هن مزدورن جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ملڪي آئين پورهيت طبقي جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو، پر ملڪ ۾ پورهيت طبقو پنهنجي حقن کان محروم ٿي ويو آهي، هوڏانهن اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري يوم مئي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم پنهنجي روح کي راحت پهچائڻ لاءِ اسان کي بيشڪ انتقام جو نشانو بڻائي پر پورهيتن جو استحصال نه ڪري ۽ انهن کي 28 ارب رپيا واپس ڪري ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت مزدورن لاءِ ڪيترائي عملي اپاءَ ورتا آهن.
وڏي وزير چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ اِي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ حڪومت تحت اچي ويا آهن ۽ هاڻ سنڌ حڪومت مزدورن جي فلاح ۽ بهبود، علاج ۽ معالج ۽ سندن ٻارن جي تعليم جا انتظام بهتر کان بهتر ڪري رهي آهي.