حيدرآباد ۾اک جي آپريشن دوران ڪوٽڙي واسي معصوم ٻارڙو فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾اک جي آپريشن دوران ڪوٽڙي واسي معصوم ٻارڙو فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، تفصيل موجب حيدرآباد ۾ ميمڻ چيريٽيبل اسپتال ۾ اکين جي آپريشن دوران ڪوٽڙي جي ڳوٺ ڊبو شورو جو رهواسي 6 ورهين جو نينگر وارث علي پٽ وقار احمد شورو فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جي وارثن هڪ ڏينهن اڳ پڪي قلعي وٽ قائم موٽلاڻي اسپتال ۾ ڊاڪٽر محمد ايوب ميمڻ کان سندس اکين جي چڪاس ڪرائي جنهن کين گذريل ڏينهن ميمڻ چيريٽيبل اسپتال ۾ آپريشن لاءِ گهرايو جتي نينگر جو آپريشن ڪيو ويو ته آپريشن دوران هو فوت ٿي ويو، نينگر جي فوت ٿيڻ تي سندس وارثن احتجاج ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن کيس سول اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ چيو، سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن نينگر جي موت جي تصديق ڪئي، جنهن کانپوءِ اطلاع تي نينگر جا ٻيا مٽ مائٽ ڪوٽڙي مان حيدرآباد پهچي ويا، جن نينگر جو لاش کڻي پڪي قلعي وٽ ڊاڪٽر محمد ايوب ميمڻ جي خانگي اسپتال آڏو رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج کانپوءِ ڊاڪٽر اسپتال بند ڪري پاسي واري پلازه ۾ لڪي ويو، جنهن کانپوءِ نينگر جي وارثن لاش اتان کڻي ڪوهه نور چوڪ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ سخت متاثر ٿي ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون. اطلاع تي فورٽ پوليس ۽ ڊي ايس پي سٽي ڌرڻي واري هنڌ پهتا، جتي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ روڊ کولرائي نينگر جي وارثن ۽ الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر کي سٽي ٿاڻي تي گهرايو. ان موقعي تي وارثن ڊاڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته ابتدائي طور نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي جنهن کانپوءِ مارڪيٽ ٿاڻي تي ان جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 ان دوران پوليس غفلت جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر محمد ايوب ميمڻ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. بعد ۾ نينگر جو لاش سول اسپتال پهچايو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش کڻائي ڪوٽڙي روانا ٿيا، فوتي نينگر جي پيءُ وقار احمد شوري جو چوڻ هو ته سندس نينگر جي ٻنهي اکين ۾ موتيو هو، جنهن جو علاج آپريشن ٻڌايو ويو. هڪ مهينو اڳ ڊاڪٽر محمد ايوب سندس نينگر جي هڪ اک جو آپريشن ڪيو، جيڪو ڪامياب ويو، سومر جي ڏينهن اسان کي ڊاڪٽر ٻيهر پنهنجي خانگي اسپتال ۾ گهرايو ۽ ڪالهه ميمڻ اسپتال سڏائي نينگر جي ٻي اک جو آپريشن ڪيو، جتي نينگر فوت ٿي ويو. هن مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي. فوتي نينگر جي موت واري واري واقعي ۾ غفلت جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر محمد ايوب ميمڻ نينگر جي موت جي سبب کان بي خبر رهندي چيو ته نينگر جي اک جو آپريشن ڪامياب ويو هو ۽ آپريشن کانپوءِ نينگر هوش ۾ به آيو پوءِ خبر نه آهي ته هو ڪيئن فوت ٿي ويو، لڪل لفظن ۾ هن اهو اشارو به ڏنو ته ممڪن آهي ته نينگر کي بيهوشي واري دوا جو وڌيڪ ڊوز لڳي ويو هجي، جنهن ڪري نينگر فوت ٿي ويو. هن چيو ته هو اکين جي بيمارين جو ڊاڪٽر آهي ۽ تعين نٿو ڪري سگهي ته نينگر ڪهڙي بيماري جي ڪري فوت ٿيو.17

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.