قاضي احمد ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان مزدور اتحاد طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون.
پورهيتن، استاد رجب ڪوري، غلام شبير ڌاريجي، شاهنواز بهراڻي، محسن ڌاريجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي.
ريلي جمال شاھه کان ٿيندي پريس ڪلب چوڪ پهتي جتي سگا شاخ قاضي احمد جي اڳواڻن حاڪم علي اوٺي، الله رکئي ڪوري ۽ ٻين پاران سندن شاندار آجيان ڪري مٿن گلن جي ورکا ڪئي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ شڪاگو جي پورهيتن کي پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي کين شهيد ڪيو ويو جنھن جي ياد ۾ اڄ ڏينهن تائين پهرين مئي تي ريليون ڪڍي کين ڀيٽا ڏئي ڪري سرخ سلام پيش ڪيو ويندو آهي.
هنن چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مزدورن جي اجرت وڌائي سندن رجسٽريشن ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن………….
رپورٽ- مومن جوڻو
***