عليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 13 مئي تائين واڌ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي احتساب عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ، ايم پي اي ۽ اڳوڻي سينيئر صوبائي وزير عبدالعليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ وڌيڪ 13 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.

جيل اختيارين عليم خان کي جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو، ڊيوٽي جج جواد الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پڇاني تي  نيب پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر ٻڌايو ته اڃا جاچ رپورٽ تياري واري مرحلي ۾ آهي.

عدالت نيب اختيارين کي باور ڪرائيندي چيو ته ڪنهن به جوابدار کي اڻ اعلانيل مدي لاءِ سلاخن پٺيان نٿو رکي سگهجي، احتساب عدالت نيب پراسڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر کي حتمي رپورٽ جي تياري لاءِ وڌيڪ مهلت ڏيڻ جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 13 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.