نشوا ڪيس جا جوابدار 2 مئي تائين جيل حوالي، چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت 9 مهينن جي ٻارڙي نشوا جي ڪيس جي جوابدارن کي 2 مئي تائين جيل موڪلي ڇڏيو آهي. عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ ۽ چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي ڊاڪٽر عطيه ۽ ڊاڪٽر شرجيل گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي لاءِ ماتحت عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، عدالت 3 مئي تي درخواست تي دليل گهري ورتا آهن. نشوا ڪيس ۾ڊاڪٽر عطيه ۽ ڊاڪٽر شرجيل نامزد جوابدارن آهن. جوابدارن هاءِ ڪورٽ کان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت وٺي چڪا آهن پر ماتحت عدالت کان ضمانت وٺڻ ضروري هوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.