عدالت پاران ضياءُ لنجار خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ  هاءِ ڪورٽ نيب کي اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ  جو ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ، نيب موجب ضياءَ لنجار  قانون واري وزير طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري سرڪاري ڪاليجز جا 13 ڪروڙ رپيا هڙپ ڪيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  ضياءُ الحسن لنجار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي نيب جاچ خلاف درخواست جي  ٻڌڻي ڪئي .درخواست گذار ضياءُ الحسن لنجار عدالت کي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ نيب جاچ ختم ڪرڻ جي درخواست  ڪئي.نيب عدالت کي ٻڌايو ته ضياءُ النجار سنڌ جي قانون واري وزير جي عهدي تي رهڻ دوران سرڪاري ڪاليجز جي فنڊز جا 13 ڪروڙ رپيا هڙپ ڪرڻ سان گڏ اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو، جوابدار خلاف جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي.0630

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.