اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) اختيارين جي وچ ۾ ڳالهين جو اهم دور اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، ناڻي واري وزارت جا اهم عملدار وفد سان ڳالهيون ڪندا.
ذريعن موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ڪندو ۽ ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت جا ٽي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ هڪ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري شريڪ ٿيندا.
ذريعن جو چون آهي ته ڳالهين دوران معاشي ترقي، پاليسي حڪمت عملي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت پاران سمورن لاڳاپيل ادارن کي لکت ۾ ڳالهين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پئٽروليم ڊويزن جي سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين، چيئرمين ايس اي سي پي، سيڪريٽري نجڪاري به ڳالهين جو حصو هوندا.
ذريعن موجب آءِ ايف سان ڳالهين دوران ايف بي آڙ جي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم تي بريفنگ ڏني ويندي آءِ ايف ايف وفد کي نجڪاري پروگرام، ۽ گئس ۽ بجلي جي قيمتن تي به بريفنگ ڏني ويندي.