واشنگٽن (م ڊ ) شدت پسند تنظيم داعش جي سربراهه ابوبڪر البغدادي جي پنجن سالن کانپوءِ ويڊيو منظرعام تي آئي آهي جنهن ۾ هو شام ۽ عراق ۾ داعش جي حڪومت جي خاتمي جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي، ويڊيو ۾ هو شام ۾ پنهنجي آخري ڳڙهه باغوز ۾ شڪست جو اعتراف ڪري رهيو آهي، بغدادي چيو ته سريلنڪا ۾ ايسٽر حملا باغوز ۾ شڪست جو بدلو آهن، هاڻي داعش جو ٻن آفريڪي ملڪن برڪينا فاسو ۽ مالي جي شدت پسند تنظيمن سان اتحاد ٿي چڪو آهي، البغدادي سوڊان ۽ الجزائر ۾ ٿيندڙ مظاهرن جي ڳالهه ڪندي چيو ته ظالمن جو هڪ ئي حل آهي، جهاد، 18 منٽن جي ويڊيو ۾ هن شام ۾ شڪست جو اعتراف ڪندي چيو ته باغوز جي جنگ ختم ٿي چڪي آهي، پر ان جنگ کانپوءِ گهڻيون جنگيون اينديون، هوڏانهن آمريڪا چيو آهي ته داعش تنظيم جي آزاد اڳواڻ جو پتو لڳائي سخت سزا ڏينداسين .