ڏهرڪي ۾ نيب ٽيم ڇاپا هڻي چار فلور ملون سيل ڪري ڇڏيون.
نيب سکر جي اسٽنٽ ڊاريڪٽر جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڏهرڪي تعلقي جي فلور ملن تي ڇاپا هنيا.
نيب ٽيم ايس ايس ڊي فلور ملز، سن شائين فلور ملز، ڏهرڪي فلور ملز ۽ سميجا فلوز ملز تان سرڪاري ڪڻڪ سميت سوين ٻوريون ۽ ريڪارڊ پڻ تحويل ۾ ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملز مالڪن طرفان نيب ٽيم سان سهڪار ڪرڻ کان انڪار تي سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڏني