نوابشاهه ۾ اصغريه علم و عمل تحرِيڪ پاڪستان پاران يوم اصغريه جو ڏينهن ملهايو ويو.
پريس ڪلب ۾ ٿي تقريب ۾ مرڪزي صدر محمد عالم ساجدي، ڊويزنل صدر سيد ماجد علي شاهه، محمد ياسين عارفي خطاب ڪندي چيو ته هو سعودي ۾ ٿيندڙ شيعه نسل ڪُشي جي مذمت ڪن ٿا.
هنن چيو ته سندن تنظيم چئن شعبن اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاڪستان، علم و عمل تحريڪ پاڪستان، اصغريه علم و عمل تحريڪ خواتين ۽ تبليغ دين مصطفيٰ صه شامل آهن.
شيعه اڳواڻن چيو ته روحاني طور تي علمي محفل جو مقصد علم دوست پيدا ڪرڻ ۽ قرآن جي آشنائي لاءِ محفل قرآن جا پروگرام پڻ ڪرايا پيا وڃن.